سنڌي لوڪ ڪهاڻيون 4

سنڌي لوڪ ڪهاڻيون 4

سنڌي لوڪ ڪهاڻيون 4

سنڌي لوڪ ڪهاڻيون-4 (ڪتاب): ’سنڌي لوڪ ڪهاڻيون‘ جلد چوٿون پڻ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ترتيب ڏنو آهي، جنهن ۾ بادشاهن، شاهوڪارن، ڏاهن، ٺڳن ۽ ٻين جون ڳالهيون شامل آهن. هي ڪتاب لوڪ ادب سلسلي جو چوويهون (24) ڪتاب آهي، جنهن جو بنيادي مواد جولاءِ 1958ع تائين گڏ ٿيو. سڄي مواد کي چڪاسي، مختلف روايتن کي ڀيٽي، ترتيب ڏيئي، سيپٽمبر 1959ع ۾ ڪتاب جو مسودو تيار ڪيو ويو، ۽ جون 1961ع ۾ مسودي جي آخري تصحيح ڪئي وئي، ۽ مسودي جو مهاڳ ڊاڪٽر بلوچ صاحب 25 آڪٽوبر 1961ع ۾ لکي پورو ڪيو.
هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1961ع جي آخر ۾، ٻيو ڇاپو نومبر 1989ع ۾، ڇاپو ٽيون اپريل 1995ع ۾ ڇپيو ۽ ڇاپو چوٿون اپريل 2001ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو.
مرڪزي خيال جي لحاظ سان لوڪ ڪهاڻين جي هن مجموعي کي هيٺينءَ ريت تقسيم ڪيو ويو آهي.
• ماٽيجي ماءُ جو برتاءُ (ڪهاڻي نمبر 1 ۽ 2)
• همتون ۽ ڪشالا (ڪهاڻي نمبر 18، 21، 22، 31 ۽ 32)
• بخت ۽ سياڻپ (ڪهاڻي نمبر 3، 4، 6، 7، 8، 9، 10، 14 ۽ 20)
• هنر ۽ علم (ڪهاڻي نمبر 5 ۽ 19)
• جادو ۽ کريب (ڪهاڻي نمبر 11 ۽ 34)
• حرفت ۽ چالاڪيءَ سان چوري ۽ ٺڳي (ڪهاڻي نمبر 25، 26، 27 ۽ 33)
• خيرات ۽ برڪت (ڪهاڻي نمبر 30 ۽ 35)
• نصيحت (ڪهاڻي نمبر 24)
• نيڪيءَ جو عيوض (ڪهاڻي نمبر 36 ۽ 37)
• دوستي (ڪهاڻي نمبر 12 ۽ 17)
• عورت جو عقل ۽ حرفت (ڪهاڻي نمبر 15 ۽ 16)
عادت جو اثر (ڪهاڻي نمبر 24)
• نانگ جو عقل (ڪهاڻي نمبر 13)، ۽
• پکيءَ جو عقل (ڪهاڻي نمبر 23)
چوٿين جلد ۾ جملي 37 ڪهاڻيون شامل آهن. ڊيمي سائيز جي 301 صفحن تي مشتمل آخري چوٿين ڇاپي جي قيمت 100 روپيا آهي ۽ سنڌي ادبي بورڊ 2001ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو